اسلام آباد -31 آڪٽوبر (اي پي پي) حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ وچ ۾ اتفاق راءِ سان معاهدو طئي ٿيو آهي جنهن جا مثبت نتيجا ايندڙ هفتي تائين سامهون اچي ويندا. حڪومت ان حوالي سان ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. جڏهن ته پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي ۽ مفتي منيب الرحمان ??يو آهي ته معاهدي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ مخلصاڻي جدوجهد ڪئي ۽ سمورن شرڪتدارن ان حوالي سان بهتري ڪردار ادا ڪيو. ڳالهيون جبر ۽ ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ نه پر سنجيده ۽ آز??داڻي ماحول ۾ ٿيون. ڏڦيڙ ۾ پاڪستان جو فائدو ناهي، انهن قوتن جو فائدو آهي جيڪي ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ چاهين ٿا، عالمن سڳورن فهم ۽فراصت کان ڪم وٺي ملڪ کي بحران کان بچايو. قومي سلامتي جي اجلاس م ڳالهين کي ترجيح ڏيڻ جو فيصلو ڪي?? هو. پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي ۽ مفتي منيب الرحمان، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، پارلياماني معاملن بابت مملڪتي وزير علي محمد خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ??يو ته سمورن عالمن سڳورن ۽ اڪابرن جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيان ٿو ج?? ملڪ کي ڏڦيڙ کان بچايو. پرڏيهي وزير ??يو ته هو جڏهن تهران مان هتي پهتو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس م ڊگهي مشاورت کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته اسان ڳالهين کي ترجيح ڏينداسين، مسئلي کي طاقت سان نه بلڪه مصلحت سان حل ڪرڻو آهي. هن ??يو ته ان عرصي دوران ملڪيتن کي نقصان، ماڻهن کي اسپتال پهچائڻ ۾ رڪاوٽون، ٻارن کي اسڪول وڃڻ ۾ ڏکيائيون، معاشي نقصان جا خدشا سامهون هئا، جڏهن ته حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ ان سموري صورتحال کي سامهون رکندي هڪ پرامن ۽ بهتري جو رستو اختيار ڪيو ۽ سمورن اهل سنت جي قائدن ۽ تحريڪ لبيڪ جي قيادت جو شڪريو ادا ڪيان ٿو ج?? هن نيڪي جي ڪم ۾ حصو ورتو. پرڏيهي وزير ??يو ته هن نيڪ ڪم ۾ جن عالم سڳورن حصو ورتو انهن ۾ مفتي منيب الرحمان، مولانا بشير فاروق قادري، ثروت اعجاز قادري، صاحبزاده حامد رضا ۽سڄي ملڪ جي ٻين عالمن ۽ مشائخن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير ??يو ته ملڪ ۽ ملت جي مفاد کي سامهون رکندي ??يو ويو ته ڏڦيڙ ۾ پاڪستان جو فائدو ناهي، بلڪه انهن قوتن جو فائدو آهي جيڪي پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙڻ چاهين ٿيون. اسان کي الله تعاليٰ سرخرو ڪيو، پوري قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. ان موقعي تي خطاب ڪندي مفتي منيب الرحمان ??يو ته هو ميڊيا جو شڪر گذار آهي جنهن هن نيڪ ڪم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ سڄي قوم ۽ معاملن کي مثبت رنگ ڏنو. هن ??يو ته وزيراعظم عمران خان طرفان انتهائي سنجيده ٽن ماڻهن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪميٽي ۾ حڪومت طرفان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ۽ پارلياماني معاملن جو مملڪتي وزير علي محمد خان جڏهن ته تحريڪ لبيڪ طرفان مفتي عمير، علامه غلام عباس ۽ حافظ حفيظ شامل آهن. هن ??يو ته وزيراعظم عمران خان جو شڪر گذار آهيان جنهن هن کي اختيار ۽ ڪميٽي تي اعتماد ڪيو. هن سنجيده مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪيو. اهڙي طرح تحريڪ لبيڪ طرفان ڪميٽي کي حافظ سعد حسين رضوي جي حمايت حاصل آهي. هن ??يو ته قوم کي گذارش ڪيان ٿو ته هو پاڪستان، اسلام ۽ حب الوط??ي کي نظر ۾ رکندي انساني جانين جي تحفظ کي يقيني بڻائي، هن ??يو ته ڳالهين ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول نه سنجيده، ذميواراڻي ۽ آز??داڻي ماحول ۾ ٿيون، ڇڪتاڻ واري فضا ۾ جذبات کي قابو ۾ رکڻ سٺو سنئوڻ آهي، سمورين ڌرين جوش بدران هوش کان ڪم ورتو ۽ حڪمت ۽ بصيرت جو مظاهرو ڪيو. مفتي منيب الرحمان ??يو ته حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ وچ ۾ تفصيلي ڳالهين کان پوءِ معاهدو طئي ٿي چڪو آهي، معاهدي جا تفصيل مناسب وقت تي سامهون آندا ويندا، ڌرين وچ ۾ معاهدو ملڪ جي بهترين مفاد ۾ ڪيو ويو ته جيئن ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي. هن ??يو ته ڇڪتاڻ واري فضا ۾ جوش کان هوش جو غالب ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي. هن ??يو ته 12 کان 15 ڪلاڪن جي لڳاتار ڪوششن سبب ڳالهيون ڪامياب ٿيون. ڳالهين لاءِ اسان محنت ڪئي، ايندڙ هفتي معاهدي جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. معاهدي جي نتيجي ۾ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي ٺاهي آهي، جنهن جي سربراهي مملڪتي وزير علي محمد خان ڪندو. ڪميٽي اڄ کان ڪم شروع ڪندي. هن ??يو ته معاهدو آز??داڻي ۽ ذميواراڻي ماحول ۾ ٿيو آهي. هن ميڊيا کي گذارش ڪئي ته هو ملڪ ۽ ملت خاطر مثبت پهلوئن کي سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪري.