اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارا ملڪ جي م??تقبل جو معاملو آهي، اسان نيڪ نيتي سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته انهن معاملن تي اتفاق ر??ءِ پيدا ٿئ??. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي م??الف ڌر سان هڪ ڀيرو ٻيهر رابطو ڪرڻ جو چيو ويو آهي ته جيئن متفقه چونڊ سڌارن جو بل آڻي سگهجي. هن چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ان مقصد جي ل??ءِ ملتوي ڪيو پيو وڃي، اسان کي اميد آهي م??الف ڌر انهن اهم سڌارن تي سنجيدگي سان غور ڪندي ۽ اسان پاڪستان جي م??تقبل جي ل??ءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري وٺنداسين جهن ته ائين نه ٿ??ڻ جي صورت ۾ اسان سڌارن تان پٺتي نه ٿا هٽي سگهون.