اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سياحت جي شعبي جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ??اء?? قدم کڻي رهي آهي، صحت ڪارڊ جي فراهمي سان عوام کي معياري علاج جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقياتي ڪمن خاص طور تي سياحت جي فروغ جي ??اء?? جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن ??لا??، ٻيلن جي تحفظ جي ??اء?? قدمن ۽ صوبي ۾ جاري انفراسٽرڪچر جي بهتري ??اء?? منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ صحت ڪارڊ ۽ ان سان عوام جي بنيادي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.