اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، سي پيڪ فيز 2 تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي، برآمدي صنعت ۾ سيڙپڪاري وڌڻ سان روزگار جا موقعا پي??ا ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ترجيحي شعبن جي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، حماد اظهر، صلاحڪارن شوڪت فياض ترين، معيد يوسف، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، سي پيڪ جي چيئرمين خالد منصور، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين ظفر احسن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ??ه حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. برآمدي صنعت ۾ سيڙپڪاري وڌڻ سان روزگار جا موقعا پي??ا ٿي رهيا آهن، هن چيو ??ه سيڙپڪارن کي مفيد ماحول جي فراهمي لاءِ سمورا حڪومتي ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، سي پيڪ فيز 2 تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي. اجلاس ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي فيز 2 تي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه رشڪئي، ڌاٻيجي، علامه اقبال ۽ بوستان خصوصي صنعتي زونز ۾ گئس ۽ بجلي جي فراهمي تي ڪم تيزي سان جاري آهي. بنيادي طور تي صنعتن جي تعم??ر لاءِ گهربل بجلي ۽ گئس ميسر آهي جڏهن ته صنعتن ۾ سيڙپڪاري سان گڏوگڏ باقي گهربل بجلي ۽ گئس جي فراهمي به ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ سي پيڪ اٿارٽي پاران پلگ اينڊ پلي ماڊل جي تجويز پي?? ڪئي وئي جنهن تي ڪم جاري آهي، ماڊل تحت سيڙپڪارن جي سمورين ضرورتن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي پورو ڪري انهن علائقن ۾ صنعتن جي تعمير ۾ تيزي کي يقيني بڻايو ويندو. ان سان گڏوگڏ سيڙپڪارن کي صنعتن جي تعمير، مختلف ادارن کان گهربل منظورين ۽ اهم معلومات جي فراهمي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ پاران پورٽل تي به ڪم تقريبن مڪمل آهي جنهن کي جلد جاري ??يو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه سي پيڪ تحت منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ ترقياتي ڪمن جي رفتار کي وڌائڻ لاءِ باقاعده سسٽم جاري ??يو ويو ??هي. برآمدي شعبن ۽ صنعتن جي نشاندهي ڪري ايس اي زيز ۾ سيڙپڪاري ??ي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پي?? وڃن، زرعي شعبي ۾ نه رڳو ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڪم تيزي سان جاري آهي، پر شعبي جي برآمدات وڌائڻ لاءِ معاهدا به ڪيا پي?? وڃن، اجلاس ۾ وزيراعظم سي پيڪ فيز 2 بابت سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايتون جاري ??يون.