اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) تيرهون ٻن ڏي??هن وارو ايشيا – يورپ سربراهه اجلاس خميس تي ڪمبوڊيا ۾ شروع ٿي ويو، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي نوم – پنهه ۾ منعقد 13 هين ايشيا يورپ ورچوئل اجلاس (اسيم) ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. ايشيا يورپ ميٽنگ، ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ هڪ غير رسمي ڊائلاگ ف??رم آهي جيڪو ٻنهي خطن کي درپيش سياسي، اقتصادي ۽ سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بڻايو ويو آهي، ان ف??رم جو بنيادي مقصد گڏيل احترام ۽ برابر حصيداري جي جذبي سان پنهنجي لاڳاپن کي مض??وط بڻائڻ آهي، اجلاس ۾ سڄي دنيا جا اڳواڻ، موسمي??تي تبديلي، پائيدار ترقي جي هدفن 2030ع جي ايجنڊا، آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي ۽ اسيم جي مستقبل جي اهم مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا آهن. سربراهي اجلاس جي پهرين ڏي??هن شرڪت ڪندڙن موسمي??تي تبديلي ۽ قدرتي آفتن کي م??هن ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيندي ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ اسيم ف??رم جي منفرد ۽ غير رسمي نوعيت کي برقرار رکندي مستقبل جي چئلينجن کي م??هن ڏيڻ لاءِ ممڪن حڪمت عملي جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پنهنجي بيانن ۾ اڳواڻن موجوده علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، پاڪستان جي نمائندگي ڪندي اسيم ف??رم کي خطاب ڪندو ۽ افغانستان سميت علائقائي امن ۽ سلامتي بابت معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.