اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماضي جي حڪمرانن کي او??رس??ز پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته پي??ر هو پر هو انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ برطانيه جي صدر عبدالستار رانا ۽ سينئر نائب صدر ملڪ عمران خليل ملاقات دوران ڪيو جنهن مملڪتي وزير سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران او??رس??ز پاڪستانين جي ??سئ??ن جي حل، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني مشنز جي ڪردار ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي ٽي آءِ برطانيه جي عهديدارن ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ٽيم جو ٿورو ادا ڪيو، مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ سمورين حڪومتن کي او??رس??ز پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته پي??ر هو پر هو کين ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف هئا،. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان 90 لک او??رس??ز پاڪستانين سان اليڪشن کان اڳ جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪري ڏيکاريو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان برطانيه سميت سڄي دنيا ۾ قائم پاڪستاني مشنز کي واضح هدايتون ڏئي رکيون آهن ته پاڪستانين جي ??سئ??ن کي فوري حل ۽ هر ممڪن سهولت فراهم ڪن. عبدالستار رانا چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ، پنهنجو گهر اسڪيم جهڙا پروگرام جاري ڪرڻ تي پي ٽي آءِ حڪومت جا ٿورائتا آهيون. ملڪ عمران خليل چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني عمران خان کي ووٽ ڏيندا، پي ٽي آءِ برطانيه جي ق??ادت او??رس??ز پاڪستانين جي لاءِ پاور آف اٽارني جاري ڪرڻ جي لاءِ آٽوميشن نظام متعارف ڪرائڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته پاور آف اٽارني جي آن لائين تصديق ۽ جاري ڪرڻ سان هزارين سمنڊ پار پاڪستانين جو فائدو ٿيندو. پراڻي ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻندڙ ملڪ ۾ ت??دي??ي نه چاهيندا هئا.