اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي معاشي تباهي واضح ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، بحران سان نه رڳو پاڪستان پر سڄو خطو متاثر ٿيندو، ترڪي، ايران، انڊونيشا، ملائيشيا ۽ ٻيا عرب ملڪ او آءِ سي جي ??يم??ر آفريقي ملڪ ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جو اشارو ڏنو ويو آهي. اسان او آءِ سي ملڪن کانسواءِ سلامتي ڪائونسل جي پنج مستقل ??يم??رن، اهم يورپي ملڪن ۽ گڏيل قومن جي تنظيمن جي نمائندن کي به ان اجلاس ۾ گهرايو آهي. او آءِ سي پرڏ??هي وزير ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏ??هي وزير چيو ته 19 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏ??هي وزير ڪائونسل جي اجلاس جي واحد ايجنڊا افغانستان جي صورتحال هوندي، آئون اڄ دنيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن افغانستان جي صورتحال تي سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ويو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران سنگين صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو. افغانستان جي معاشي بربادي واضح ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، ان بحران سان نه رڳو پاڪستان پر سڄو خطو متاثر ٿي??دو. دنيا کي افغانستان جي معاملن ۾ فوري مداخلت ڪرڻي پوندي، شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ گڏيل قومون عالمي بئنڪ، آءِ ايم ايف، اسان جي ڳالهه ورجائي رهيو آهي، هو چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن افغانستان تي لڳل پابندين تي نظرثاني نه ڪئي وئي ۽ افغانين کي فوري طور تي امداد نه پهچائي وئي ته تمام وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. افغانستان ۾ ڪو بئنڪنگ نظام نه آهي، عالمي ادارا چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن فوري ڌيان نه ڏنو ويو ته 2022ع جي وچ ڌاري 97 سيڪڙو افغان غربت جي سطح کان هيٺ هوندا، هن چيو ته هن وقت 95 سيڪڙو افغانين وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه نه آهي اسان پنهنجي ذ??يد??ري نڀائي رهيا آهيون، پر پاڪستان اڪيلو اها ذ??يد??ري نٿو کڻي سگهي، فوري فيصلا نه ڪيا ويا ته وڏو بحران اي??دو. پرڏ??هي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ اجلاس جو مقصد دنيا کي افغان صورتحال کان باور ڪرائڻ آهي، مناسب هوندو افغان اٿارٽي جو موقف به سامهون رکيو وڃي، پرڏ??هي وزير خبردار ڪيو ته دنيا کي افغانستان جي معاملن ۾ فوري مداخلت ڪرڻي پوندي ۽ افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻو پو??دو. افغانستان ۾ انساني بحران جا پاڪستان تي اثر پوندا. پرڏ??هي وزير چيو ته 40 لک افغان پناهگيرن جي اڄ به خدمت ڪري رهيو آهي، وڌيڪ افغان پناهگيرن جو بار کڻڻ جي سگهه نه آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري افغانستان جي انساني مدد لاءِ ”فليش ايپل“ دنيا جي سامهون رکي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ خدا نه ڪري جيڪڏهن انساني بحران پيدا ٿئي ٿو ته ان جي ان نتيجي ۾ افغان پناهگيرن جي هڪ يلغار سامهون اچي سگهي ٿي، افغانستان ۾ صورتحال خراب ٿيڻ سان دهشتگردن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملي ويندو، دهشتگردي جي خلاف ڪيل ڪوششون ضايع ٿي وينديون، ضروري شيون افغانستان جو رخ ڪنديون ته پاڪستان ۾ مهانگائي وڌيڪ وڌندي.