پشاور – 20 ڊسمبر (اي پي پي) نئين چونڊيل سين??ٽر ۽ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ت??ين چيو آهي ته معيشت 5 کان 6 سيڪڙو جي حساب سان اڳتي وڌي رهي آهي، معيشت جي بهتري سان مهانگائي ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي ۽ عوام ک?? رليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سين??ٽر چونڊجڻ کانپوءِ خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳا??هائيندي ڪيو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گئس جا ذخيرا تيزي سان گهٽ ٿي رهيا آهن ۽ حڪومت جي ڪوشش آهي ته جتي جتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿي رهيا آهن اتان کان پيدا ٿيندڙ گئس کي استعمال ۾ آندو وڃي، هن چيو ته هن وقت به گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني پئي وڃي، شوڪت ت??ين چيو ته بجلي جي کوٽ جو ڪو به مسئلو نه آهي بجلي جي لوڊشيڊنگ انهن علائقن ۾ ٿي رهي آهي جتي بجلي چوري ٿيندي آهي تنهن هوندي به انهن علائقن ۾ به سمورا صارفين بجلي چوري ناهن ڪندا تنهن ڪري صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ ڄاڻايل تڪن ۾ به بجلي جي فراهمي کي يقين?? بڻائي رهيا آهيون، جيتوڻيڪ ان عمل جي دوران حڪومت کي مالي نقصان کڻڻو پئجي رهيو آهي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مهانگائي عالمي مسئلو آهي تنهن هوندي به مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ عوام ک?? هر ممڪن سبسڊي ڏئي رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ بهترين ڳا??هه اها آهي ته هاڻي کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، هن چيو ته پاڪستان جي عوام ک?? گهرن جي تعمير ۽ زرعي مقصدن لاءِ بنا وياج قرض به ڏنا پيا وڃن.