اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب سان لاڳاپيل سمورن م??ام??ن تي اڳڀرائي جي ذاتي طور تي مستقل نگراني ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي علائقائي تنظيمي ڍانچي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ترقي بابت م??ام??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ڏکڻ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ کي مضبوط ۽ فعال بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن علائقي جي ماڻهن کي سهولتن جي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي به ??دايت ڪئي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ذاتي طور تي ڏکڻ پنجاب بابت م??ام??ن تي اڳڀرائي جي مستقل بينادن تي نگراني ڪندو.