اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان ساحلي سياحت جي فروغ لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم عمران خان سان بحري معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ آمريڪن بزنس ڪائونسل پاڪستان جي ايگزيڪيٽو ميمبر عدنان اسد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عدنان اسد وزيرا??ظم کي بزنس ڪائونسل جي ميمبرن ۽ سيڙپڪارن جي موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي نتيجي ۾ وڌندڙ اعتماد جي باري ۾ آگاهه ڪيو، پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي وزيرا??ظم کي ساحلي سياحت جي موجوده صلاحيت ۽ وزارت جي ان جي فروغ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. وزيرا??ظم ساحلي سياحت کي فروغ لاءِ کنيل قدم تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جا??ي ڪيون.