اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي حاضر دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ آءِ ٽي جي صنعت جي ترقي ۽ نوجوانن کي تربيت يافته بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي جا وسيع امڪان موجود آهن.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ه??او?? مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجاي واري وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت، ه??او?? جي وچ اوڀر خطي جي نائب صدر وانگ شان لي ۽ آءِ ٽي جي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اسان کي ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جو فرق ختم ڪرڻو آهي، پا??ستان کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر سيڪيورٽي ماهرن کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته انٽرنيٽ ۽ ايميزون جي ذريعي گهر کان ئي ڪاروبار ڪري سگهجي ٿو. صدر چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي جا وسيع امڪان موجود آهن، پا??ستان هڪ خاموش انقلاب مان گذري رهيو آهي، خواهش آهي ته نوجوانن لاءِ موقعا پيدا ڪيا وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پا??ستان ڊجيٽل ٽرانسفارميشن طرف وڃي رهيو آهي، لينڊ رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪري رهيا آهيون ته جئين ڪرپشن جو خاتمو ٿي سگهي.
صدر تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي باعث اعزاز قرار ڏيندي چيو ته پا??ستان جي ٽيم ه??او?? مقابلن ۾ پهرين ۽ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي آهي جنهن تي هو مبارڪباد جي مستحق آهي. صدر چيو ته اسان جا شاگرد باصلاحيت آهن ۽ ه??او?? جه??يون وڏيون ڪمپنيون انهن جي صلاحيت کي سامهون آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته 2030ع تائين دنيا کي آءِ ٽي جي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماهرن جي ضرورت هوندي، پا??ستان کي پن??نج?? نوجوان آبادي مان فائدو کڻندي کين انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏئي هنرمند بڻائڻ گهرجي ۽ ملڪ کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته اسان آءِ تي جي شعبي ۾ ترقي جي رفتار وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، ان مقصد لاءِ يونيورسٽين ۾ ورچوئل شاگردن جو تعداد وڌايو ويندو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جديد گهرجن موجب ٽيڪنالاجي جي تعليم سان نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت تقريب جي انعقاد تي ه??او?? کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پا??ستان جي ٽيم وچ اوڀر خطي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، نوجوان پا??ستان جو مستقبل آهن جنهن کي تعليم يافته ۽ هنر مند بڻائڻ جي ضرورت آهي،
هن چيو ته ايندڙ سالن ۾ آءِ ٽي جي برآمدات وڌائينداسين ۽ صدر جي رهنمائي ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي صنعت ۾ هدفن کي حاصل ڪنداسين. تقريب کي هوا وي جي وچ اوڀر خطي جي نائب صدر به خطاب ڪيو. هن چيو ته 450 يونيورسٽين جي 15 هزار شاگردن ه??او?? آءِ سي ٽي مقابلي 2021ع ۾ شرڪت ڪئي جنهن مان پا??ستان جي ٽيم بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ پن??نج?? صلاحيت مڃرائي. صدر تقريب ۾ پا??ستان جي ڪامياب ٿيندڙ ٽيم کي ه??او?? پاران 20 هزار ڊالر جو چيڪ به ڏنو.