اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوجوانن تي زور ڏنو آهي ته اهي وڻڪاري ۾ ڀرپور حصو وٺن، هر خاندان گهٽ ۾ گهٽ 5 وڻ لڳائي ۽ انهن جي پرورش ڪري، ايندڙ نسلن جي لاءِ اهو ضروري آهي، پوري دنيا ماحولياتي تبديلي جي ??لاف اسان جي ??دوجهد کي ساراهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ اسڪائوٽس جي ??المي ڏهاڙ?? جي موقعي تي بهار موسم جي وڻڪاري مهم 2022ع جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسڪائوٽس کي انهن جي قائم ٿيڻ جي ڏهاڙ?? جي موقعي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. بدقسمتي سان پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جتي موسمياتي تبديلي جو خطرو درپيش آهي. وڻڪاري جي ??ريعي اسان پنهنجي ??يندڙ نسلن جو تحفظ ڪري سگهون ٿا ۽ انهن کي بهتر ماحول فراهم ڪري سگهون ٿا. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن، والدين پنه??جي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ ان مسئلي جي ??هميت کي سمجهن ۽ هر خاندان گهٽ ۾ گهٽ 5 وڻ لڳائي ۽ انهن جي پرورش ڪري، اهڙي طرح ??سان اصل ۾ پنه??جي مستقبل جي پرورش ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي 12 موسم ڏنا آهن، هتي هر قسم جي وڻن ۽ ميون جي واڌويجهه ٿي سگهي ٿي. اسان کي الله تعاليٰ جي ڏنل نعمتن جو قدر ڪرڻ گهرجي، اسان الله جي نعمتن جي پرواهه نه ڪئي ان لاءِ موسمياتي تبديلي جي ??ذاب ۾ گهيريل آهيون. وزيراعظم چيو ته هلندڙ بهار جي موسم ۾ 54 ڪروڙ وڻ لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جهڙي طرح ??ن کان اڳ سمورا هدف حاصل ڪيا، هي به ڪنداسين. هن چيو ته ٽين بلين ٽري سونامي منصوبي سان پاڪستان جو ماحول بهتر ٿي ويندو، بدقسمتي سان گذريل سالن دوران انگريزن جا لڳايل ٻيلا ۽ وڻ به تباهه ڪيا ويا. وزيراعظم وڻڪاري مهم جي ڪاميابي تي ملڪ امين اسلم ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته موسمياتي تبديلي جي ??لاف اسان جي ??دوجهد کي دنيا ساراهيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم چيو ته هيستائين اسان وڻڪاري جي ??والي سان سمورا هدف حاصل ڪيا آهن. 54 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. هزارين ماڻهن کي وڻڪاري سان سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح ??وزگار حاصل ٿيو آهي. هلندڙ سيزن دوران هدف کان پنجوڻ تي وڌيڪ وڻ لڳائينداسين. هن ٻڌايو ته سعودي عرب سان ماحوليات جي ??والي سان ايم او يوز تي صحيحون ٿي چڪيون آهن. برطانوي وزيراعظم ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم پڻ ماحوليات جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. هن چيو ته ساڍا 9 هزار سائنس تي وڻڪاري جاري آهي ۽ ان جا تفصيل اسان پبلڪ ڪري ڇڏيا آهن. ان کان اڳ وزيراعظم ٻوٽو لڳائي بهار موسم جي وڻڪاري مهم 2022ع جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وفاقي تعليم وارو وزير شفقت محمود ۽ ٻيا پڻ موجود ??ئا.