اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ايشام ۾ فوجي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ واقعي ۾ 7 فوجين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيرا??ظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف چيو ته پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جو پاڪستاني فوج جي قافلي تي حملو مذمت جوڳو آهي، اهڙا واقعا امن جي لاءِ سنگين خطرو آهن. هن چيو ته حوالدار طارق يوسف، سپاهي س??يمان وقاص، سپاهي جنيد علي، سپاهي اعجاز حسين، سپاهي وقار احمد، سپاهي محمد جواد امير ۽ سپاهي ارشد علي شهادت ماڻي. ملڪ ۽ قوم جي لاءِ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. وزيرا??ظم چيو ته دهشتگردي جو خاتمو آڻي سک جو ساهه کڻنداسين. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ قوم جي فرزندن کي س??ام پيش ڪريان ٿو. وزيرا??ظم چيو ته ش????دن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي لاءِ دعاڳو آهيون.