اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان نيسلي جي هيڊ آف ڪارپوريٽ افيئرز وقار احمد ۽ جنرل مينيجر عبدالله جاويد ملاقات ڪئي جنهن ۾ نيسلي پاڪستان افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ وزير??عظ?? شهباز شريف جي هدايت تي امدادي شيون پهچائڻ جي قدمن تي وزير??عظ?? کي خراج تحسي?? پيش ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب نيسلي واٽر پاران حڪومت پاڪستان جي ان بهترين قدم ۾ پنهنجو حصو ملائيندي 60 هزار ليٽر پيئڻ جو پاڻي افغانستان ۾ تازي ٻوڏ متاثرين لاءِ عطيو ڪيو ويو، عطيه ٿيل پيئڻ جو صاف پاڻي ٻوڏ متاثرين کي موذي بيمارين کان بچاءُ ۾ مدد فراهم ڪندو. وزير??عظ?? شهباز شريف نيسلي پاران ان فلاحي ڪم کي قابل تحسين قرار ڏنو.