اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جون جي آخري هفتي ۾ معمول کان وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي تي فوري قدمن جي ??دا??ت ڪندي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي صوبن ۽ ضلعي انتظاميا کي الرٽ ڪرڻ جي ??دا??ت ڪئي آهي. پي ايم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم ??دا??ت ڪئي ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ ??نتظام ڪيا وڃن. وزيرا??ظم چيو ته نشيبي علائقن ۽ وڌيڪ برساتن جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن ۾ هينئر کان ئي انتظام يقيني بڻايا وڃن. سندس چوڻ هو ته اڳواٽ ??فاظتي انتظامن ۽ امدادي ساز و سامان جي دستيابي جي ل??ءِ وقت سر قدم کنيا وڃن. هن وفاق ۽ صوبن جي حصيداري سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ??دا??ت ڪئي. وزيرا??ظم زرعي علائقن ۾ فصلن، چوپائي مال جي حفاظت ۽ نقصانن کان بچڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ??دا??ت ڪندي چيو ته خطري جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن جي رهواسين کي وقت سر خبردار ڪيو وڃي، محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي، پاڻي جي نيڪالي، نالن ۽ پاڻي گذرگاهن جي صف??ئي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسپري جا انتظام ڪيا وڃن.