اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب هيستائين 3 ڪروڙ 30 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ايتري وڏي انگ ۾ متاثرين کي کاڌي پيتي ??ي شين، دوائن ۽ خيمن جي فراهمي هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، گهرن، ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي ٿيندڙ نقصانن جو شروعاتي ڪاٿو اربين رپين ۾ آهي، عالمي مالياتي ??دارن ۽ تنظيمن پاران تعاون تي ??ندس ٿورا مڃون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ رهندڙ مختلف ملڪن جي سفيرن سان ملڪي ٻوڏ صورتحال تي هنگامي ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ گذريل 30 سالن جون رڪارڊ برساتون ٿيون، 13 جون کانپوءِ کان هيستائين ٻوڏ ريلن ۾ 900 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا، 1300 کان وڌيڪ مانهو زخم?? ۽ ??ٽڪل 8 لک چوپايو مال ٻوڏ جي ور چڙهي ويو، گهرن، ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي ٿيندڙ نقصان جو شروعاتي ڪاٿو اربين رپيا لڳايو ويو آهي، مجموعي طور تي هيستائين ٻوڏ متاثرين جو انگ 3 ڪروڙ 30 لک آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي ??بديلي ۾ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ اٺين نمبر تي ??هي جڏهن ته پاڪستان جو ڪاربن گئسن جي خارج ٿيڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هن چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي فوري ري??ڪي?? جي لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي، متاثرين ۾ فوري طور تي فلڊ ريليف ڪيش پروگرام تحت 25 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪيا پيا وڃن، متاثرين کي کاڌي پيتي ??ي شين ۽ خيمن جي فراهمي جي لاءِ سموريُون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ايتري وڏي انگ ۾ متاثرين کي کاڌي پيتي ??ي شين، دوائن، خيمن جي فراهمي هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته انفراسٽرڪچر جي تباهي متاثرين تائين امداد پهچائڻ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي، پاڪستان پنهنجي معاشي مشڪلاتن جي باوجود ٻوڏ متاثرين جي ترجيحي بنيادن تي ??مداد کي يقيني بڻائي رهيو آهي، عالمي مالياتي ??دارن ۽ تنظيمن پاران تعاون جي لاءِ ٿورائتا آهيون. هن چيو ته هن قدرتي ??فت ۾ سڄي دنيا جي ملڪن کي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته متاثرين کي خيمن، مڇردانين، کاڌي پيتي ??ي شين، دوائن جي فراهمي جي لاءِ دوست ملڪن ۽ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ملاقات ۾ آسٽريليا، چين، جاپان، ڪويت، ڏکڻ ڪوريا، ترڪيءَ، گڏيل عرب امارات، آمريڪا، جرمني، بحرين، يورپي يونين، فرانس، اومان، قطر، برطانيا ۽ سعودي عرب جا سفير موجود هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن کي اين ڊي ايم اي پاران تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ حڪومت جي ري??ڪي?? ۽ ريليف ڪاررواين جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت ۽ ناڻي واري وزا??ت پاران حڪومت جي فوري ري??ڪي?? ۽ ريليف قدمن ۽ گذريل ڏينهن ڊونرز ڪانفرنس جي حوالي سان پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزا??ت پاران ٻوڏ متاثر علائقن ۽ متاثرين جي وڊيو پڻ ڏيکاري وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن حڪومت جي ٻوڏ متاثرين جي ري??ڪي?? ۽ ريليف جي قدمن کي ساراهيو ۽ مختلف ملڪن جي سفيرن وزيراعظم کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون شروع ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو.