اسلام ??باد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي پهچائيندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽوز کي پنهنجي شهرن ۾ موجود رهڻ ۽ پنهنجي نالن ۽ نمبرز سان عوام ??ي سهولت ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف خيب??پخ??ونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تان واپس اسلام ??باد پهچندي ئي سڄي ملڪ ۾ بجلي، رستن ۽ مواصلاتي نظام ??ابت ايف ڊبليو او ۽ ٻين ادارن جو نقصانن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي تي جاري ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لا??ِ اجلاس طل?? ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ايف ڊبليو او ۽ لاڳاپيل وزارتن جا عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس کي تازي صورتحال ۽ جاري بحالي جي ڪم تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو پيو وڃي.