نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثر??ن جي بحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن، متاثرين کي فوري طور تي 25، 25 هزار رپين ??ي مالي امدا?? ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم نوشهره ۾ ٻوڏ متاثر??ن جي لاءِ امدادي ڪئمپ جي دوري ??ي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ڪئمپ ۾ رهندڙ عورتن ۽ ٻارن کان کاڌي ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي بابت معلوم ڪيو. هڪ عورت ميٽرس جي عدم فراهمي جي شڪايت ڪئي جنهن تي وزيراعظم فوري طور تي کيس ميٽرس فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم چيو ته اسان سڀ گڏ??ي متاثر??ن جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي وفاقي حڪومت پاران 10، 10 لک رپين ??ي مالي امدا?? ڏني پئي وڃي. هن چيو ته انشاءَ الله صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻوڏ متاثرين ??ي مشڪلاتن جي خاتمي ۽ ملڪ جي لاءِ دعا پڻ ڪرائي.