اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ان??ان?? حقن جي سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي جتي ڀارتي قابض فوج هڪ 23 سالا انجنيئرنگ جي شاگرد سميت وڌيڪ 6 ڪشميري نوجوانن کي بارهمولا ۽ شوپيان جي علائقي ۾ جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي افيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد پريس بريفنگ ۾ ناليواري ڪشميري حريت اڳواڻ سي?? علي گيلاني کي سندس پهرين ورسيءَ تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو همت، حوصلي ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري عو??م جي دليراڻي جدوجهد جو چهرو هو، جنهن جو حق کيس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن ذريعي ڏنو ويو آهي. سي?? علي گيلاني کي جدوجهد ۾ مصروف هم وطنن ”باباءِ حريت“ جو نالو ڏنو آهي، هن گذريل سال پهرين سيپٽمبر تي ڊگهي غيرقانوني ڀارتي حراست ۾ پنهنجا آخري ساهه کنيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسلام آباد ۾ مقرر ڀارتي ناظم الامور کي خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ سي?? علي گيلاني کي ان جي وصيت ۽ ان جي گهرڀاتين جي خواهش موجب تدفين جي حق کان محروم ڪرڻ جي ڀار?? جي مسلسل بي حسي تي سخت احتجاج ڪيو ويو. ترجمان چيو ته ڀارتي ناظم الامور کي ڀارتي حڪوم?? جي مسلسل هٺ ڌرمي تي پاڪستان گهري افسوس ج?? اظهار ڪيو جنهن سي?? علي گيلاني جي مڙهه کي ان جي وصيت موجب شهيدن جي قبرستان ۾ باوقار تدفين کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ترجمان چيو ته وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڪشميرين کي سرينگر جي حيدر پوره جي قبرستان ۾ ان اقابل احترام اڳواڻ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي به اجازت ناهي ڏني جتي ان کي گذريل سال انتهائي جلدي ۾ سندس گهرڀاتين ۽ ان جي چاهيندڙن جي غيرموجودگي ۾ دفن ڪيو هو. ترجمان ان يقين ج?? اظهار ڪيو ته ڀارتي ڏاڍ، بي حسي ۽ اخلاقيا?? جي ناقابل يقين حد تائين غيرموجودگي والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي مزاحم?? جي جذبي ۽ سي?? علي گيلاني جهڙي صاحب بصيرت اڳواڻ جي لاءِ عو??م جي ياد کي گهٽ نه ٿي ڪري سگهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سي?? علي گيلاني جي ميراث ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني ڀارتي قبضي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ان جي مشن کي اڳتي وڌائڻ وارن کي تحرڪ ڏيندي رهندي.