اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) هوائي فوج جون سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي ڪارروايون ۽ رليف آپريشن جاري آهي. ايئر هيڊ ڪوارٽرز، اسلام آباد ۾ ڪيل نيشنل آءِ ايس آر اينڊ انٽيگريٽڊ ايئر آپريشنز سينٽر (اين آءِ آءِ اي او سي) سمورن ڌُرين سان مڪمل هم آهنگيءَ سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرن جي ??مداد ۽ بحاليءَ جي ??مل ۾ معاونت ڪري رهيو آهي. ڄاڻايل سينٽر متاثرن جي ??حاليءَ لاءِ سول ??نتظاميه کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيو آهي. هوائي فوج جي ??رجمان مطابق پاڪ فضائيه جا هيليڪاپٽر ڄاڻايل علائقن ۾ متاثر ماڻهن کي امدادي ڪمن ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن. پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن جي ??حالي ۽ امداد جي فراهميءَ لاءِ ”پاڪستان ايئرفورس فلڊ رليف فنڊ“ به قائم ڪيو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيا الائيڊ بئنڪ جي ??ڪائونٽ نمبر PK85ABPA0010099183680023، عسڪري بئنڪ جي ??ڪائونٽ نمبر PK96ASCM0003851650000097، بئنڪ اسلامي جي ??ڪائونٽ نمبر K38BKIP0310000096360001، جڏهن ته حبيب بئنڪ جي ??ڪائونٽ نمبر PK09HABB0022997001211801 ۾ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.