غذر – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي ??ي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪنداسين، متاثرين کي امداد جي شفاف ورڇ تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين ڀلي ??ن جي لاءِ حڪومت جي قرباني ڏيڻي پوي، وزيراعظم غذر جي علائقي بوبر ڳوٺ جي بحالي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا جڏهن ته 5 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جي لاءِ گرانٽ جي فراهمي جو اعلان ڪيو. گلگت بلتستان جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ توهان وٽ حاضر ٿيا آهيون ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، توهان جي پيارن جي وڇڙي وڃڻ جو اسان کي دلي ??فسوس آهي، ٻوڏ ريلي ??ذر ۾ جيڪا تباهي مچائي آهي ان تي پورو پاڪستان ڏکويل آهي، برساتن، دريائن جي طغياني ۽ ٻوڏ سان پوري پاڪستان ۾ جيڪا تباهي آئي اهي ان جو مٿال نه ٿو ملي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هر طرف هڪ تباهي متل آهي، خيبرپختونخواهه ۾ سوات ويلي ۾ تباهي ٿي آهي، پنجاب جي ڏاکڻي ضلعن ۾ تباهي ٿي آهي، گلگت بلتستان ۾ به انتهائي افسوسناڪ ۽ ڏک ڀريل ڪهاڻي آهي، هڪ هزار کان وڌيڪ فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا، لکين گهر تباهه ٿيا، لکين چوپايو مال وهي ويو، هزارين ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿيا. هن چيو ته معاشي طور تي پاڪستان اڳ ۾ ئي مشڪل صورتحال ۾ هو، هاڻي ٻوڏ ۽ برساتن جي صورت ۾ هڪ ٻيو امتحان اچي ويو آهي جڏهن ته الله جي ڪرم ۽ مهرباني سان ان جو مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته هو اتحادي پارٽين پاران اهو ٻڌائڻ آيو آهي ته متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، متاثرين جون ڪهاڻيون دل کي چيري ڇڏين ٿيون، هتي ويٺل ٻارڙي جي خاندان جا 8 ماڻهو طغياني جي ور چڙهي ويا، ا??له پاڪ ان ٻارڙي کي صبر ۽ همت ڏي، ا??و حڪم الاهي آهي ان جي اڳيان ڪنهن جي نه ٿي هلي، ا??له پاڪ انهن فوت ٿيندڙن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي، غذر ۾ 17 ماڻهو فوت ٿيا، وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا معاوضو ڏنو پيو وڃي جڏهن ته اهو معاوضو ڏکن جومداوو نه آهي پر زندهه رهندڙن جي لاءِ وسيلا گهرجن. هن چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ انهن 17 ماڻهن جي پونئيرن کي اهو معاوضو ملڻ گهرجي، تباهه ٿيندڙ گ??رن جو معاوضو به ڏينداسين، ا??ن ڊي ايم اي پاران گڏيل سروي شروع ڪئي وئي اهي، مشڪلاتن جو گڏجي انصاف سان مداوو ڪنداسين، پوري قوم کي اهو يقين ڏياريون ٿا ۽ واعدو ڪريون ٿا ته امداد رڳو حقدار کي ملندي، شفافيت تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، منهنجي جان يا حڪومت هلي وڇي ان تي ڪو ٺاهه نه ڪندس، هڪ هڪ پائي حقدار تائين پهچندي، ا?? ۾ ڪا سياست رنڊڪ نه بڻجندي. هن چيو ته جيڪو به توهان جي حق لاءِ وڙهندو ان کي شاباس ڏينداسين، هي هڪ جهاد آهي، ا?? ۾ سڀني کي گڏجي اڳتي وڌڻو آهي، ڏکويل انسانيت جو هٿ پڪڙڻو آهي. هن چيو ته اسان جا دوست ملڪ تعاون ڪري رهيا آهن، ترڪيه مان هڪ وفد آيو، ا?? سان ملاقات ٿي، ا??ي هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهن، ا??هن ڀائرن وانگر پنهنجي دل کولي ??هي، ا??ڙي طرح گڏيل عرب امارات کان به امداد ملي ??هي آهي، چين، برطانيا، آمريڪا، قطر سميت ٻين ملڪن کان به امداد ملي ??هي آهي. هن چيو ته پنهنجي زندگي ۾ ايتري وڏي ٻوڏ ڪڏهن ناهي ڏٺي، آئون ۽ منهنجا ساٿي ۽ حڪومت سک سان نه ويهنداسين ۽ نه ئي سياست ڪنداسين، صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪنداسين، گلگت بلتستان سميت سڀني کي هڪ ڪانفرنس ۾ دعوت ڏني، اسان ٻيهر انهن کي دعوت ڏينداسين، ا??ي ايندا ته اسان کي خوشي ٿيندي، اسان گڏجي ڪم ڪنداسين، هي قوم کي سياست کان مٿانهون ان صورتحال مان ڪڍڻ جو وقت آهي. هن چيو ته ٻوڏ سان جن جي گهرن کي نقصان پهتو آهي، ا??هن جي لاءِ 25 هزار رپيا روڪ رقم ڏني پئي وڃي، فصلن، گ??رن جو معاوضو ان کانسواءِ آهي، وفاقي حڪومت پاران انهن کي رقم ورهائڻ شروع ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته متاثرين کي گذارش آهي ته اهي صبر سان ڪم وٺن، آخري متاثر شخص جي بحالي ??ائين اسان توهان سان گڏ بيٺل آهيون، اسان توهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن خاندان جي 8 ماڻهن جي پونئيرن کي مخاطب ڪندي چيو ته انهن جي خاندان جي لاءِ ان کان وڏي ڏک جي ڪهڙي ڳالهه هوندي پر اهو الله جو حڪم آهي، ا??بياءَ جا پيارا به انهن کان وڇڙي ويا، هن خاندان کي سهارو ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي، هتان جي مقامي ماڻهن کي انهن جي ڇت بڻجڻو آهي. هن غذر ۾ فوري طور تي 5 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جو اعلان ڪيو، وفاق ان جا خرچ برداشت ڪندو. وزيراعظم ان ڳوٺ جي تعمير لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي خصوصي گرانٽ جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، مسلم ليگ (ن) جو صوبائي صدر حافظ حفيظ الرحمان، ا??جد ايڊووڪيٽ سميت ٻيا پڻ موجود هئا.