اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور پرڏيهي آفيس ?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر کي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ حڪومت پاران بحالي ۽ امداد جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري امدادي سرگرمين جي لاءِ 30 ملين ڊالر جي امداد تي يو ايس ايڊ جا ٿورا مڃيا ۽ يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سان پاڪستان جي لاءِ عالمي برادري جي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي حوالي سان تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر جي وچ ۾ ملاقات دوران موسمياتي تبديلي ۽ ان سان مقابلي جي لا??ِ حڪمت عملي تي پڻ خيالن جي ڏ?? وٺ ٿ??.