دادو R11; پهرين ڊسمبر (اي پي پي)بيلجيم جي اوورسيز ڪميونٽي بابت پاڪستان جي صدر معظم خان ??نڌ جي ضلعي دادو جي ٻوڏ متاثرن جو دورو ڪيو ۽ انهن ۾ راشن جا ٿيلها، خيما، مڇردانيون ۽ دوا??ون ورهايون. پنهنجي دوري دوران معظم خان مقامي ۽ عالمي اين جي اوز کي درخواست ڪئي ته اهي ٻوڏ متاثرن جي ??ر ممڪن مدد ڪن. سندس چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون صورتحال جو ازالو ڪنديون ۽ متاثرن جي ??قصان جو ازالو ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته دادو جي ٻوڏ متاثرن ۾ 150 خيما، 150 راشن جا ٿيلها، 500 مڇردانيون ۽ دوا??ون ورهايون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ به 160 خيما ۽ هڪ هزار مڇردانيون ۽ 5 سئو راشن جا ٿيلها ورهايا ويا آهن ان کانسواءِ مريضن لاءِ قائم ڪيل ميڊيڪل ڪيمپن ۾ اڍائي مريضن کي دوا??ون ڏيڻ سان گڏوگڏ مڇر مار اسپري ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي پڻ فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سياري جي ??ند اچڻ جي ڪري ٻوڏ متاثرن جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي متاثرن جي بحالي جو ڪم تيز ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان ذات، پات، مذهب ۽ ثقافت کان هٽي ڪري انسانيت جي خدمت تي يقين رکون ٿا. ان موقعي تي ??نڌ جو اڳوڻو وڏو وزير لياقت جتوئي، واپاري ۽ سماجي برادري سميت ٻيا پڻ موجود هئا.