شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ يورپ?? يونين جي صدر چار??س مائيڪل ملاقات ڪئي. چار??س مائيڪل پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ قيمتي انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ يورپ?? يونين جي احساس ۽ امداد کي ساراهيو، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موسمياتي تبديلين جا تباهي آڻيندڙ اثر س??ورن ملڪن جي اتحاد جا گهرجائو آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ وانگر موسمياتي تبديلين جي خلاف عالمي اتحاد گهربل آهي، فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جي نڪرڻ ۾ يورپ?? يونين جي تعاون کي ساراهيون ٿا، پاڪستان ۽ يورپ?? يونين ۾ گهڻ رخي تعاون جي فروغ جا خواهشمند آهيون، يورپ?? يونين ۽ پاڪستان جي حصيداري ۽ ٻطرفو تعاون ماضي ۾ گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ماضي جي اعتماد ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند ۽ منتظر آهيون، موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ يورپ?? يونين جون ڪوششو?? ساراهه جوڳيون آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.