اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي لڪي مروت ۾ پوليس وين تي دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙي بزدلاڻي ڪارروائي دهشتگردي جي خلاف ج??گ ۾ قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگردي جي ??اق??ي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته دهشتگردي جي خلاف ج??گ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن، قوم پنهنجي شهيدن تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف ج??گ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي قوم سدائين ياد رکندي آهي. اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. صدر پوليس جي شهيدن کي خراج تحسين، پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي ل??ءِ درجن جي بلندي ۽ وارثن جي ل??ءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.