اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حوالدار محم?? امير ۽ هڪ شهري جي شهادت تي افسوس ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ مسلمان نه ٿا ٿي سگهن، دهشتگرد دشمنن جا ٻانهن ٻيلي آهن جيڪي ??اڪ??تان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهين ٿا، ??اڪ??تاني عوام جي رت جي هر ڦڙي جو حساب وٺنداسين، ڏوهارين کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان جي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ??ظيم قربانيون ڏنيون آهن، شهيدن ک?? سلام پيش ڪريون ٿا جن ملڪ تي پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ ??بر جميل جي دعا پڻ ڪئي.