لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سياست ۾ ڪا شيءَ حرف آخر ناهي هوندي، ملڪ جي وسيع تر مفاد کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪ وطن اسان سڀني کان اتحاد، ٻڌي ۽ سياسي رواداري جي گهرج ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي، اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي ۽ ايم اين اي حسين الاهي سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صد?? جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي صد?? کي پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن کان آگاهه ڪيو. وڏي وزير صد?? کي عوام جي ريليف جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ملڪي معيشت کي وڌيڪ بهتر بڻائ?? بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي صد?? چيو ته اسان کي پاڪستاني بڻجي رڳو پاڪست??ن جو ئي سوچڻو آهي، سياست ۾ ڪا شيءَ حرف آخر ناهي هوندي، ملڪ جي وسيع تر مفاد کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪ وطن اسان سڀني کان اتحاد، ٻڌي ۽ سياسي رواداري جي گهرج ڪري رهيو آهي، معاملن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته الله تعاليٰ مان پوري اميد آهي ته پاڪست??ن جي لاءِ بهتر رستو نڪري ايندو.