اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته اها اسان ??ي گڏيل اخلاقي ۽ سماجي ذميواري آهي ته اسان ??صوصي ماڻهن جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻون، معاشري ۾ انهن جي خلاف امتيازي سلوڪ جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آئي) جي دوري دوران ڪيو، جتي هن پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خصوصي ماڻهن جي پهچ کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن ان ??لسلي ۾ موجوده قانونن تي مڪمل طور تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان ??والي ??ان موجوده خال کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن هڪ اهڙي جامع معاشري جي جوڙجڪ کي يقيني بڻائي ??گهجي جتي خصوصي ماڻهن کي ترقي جا موقعا حاصل ٿي سگهن. هن چيو ته خصوصي ماڻهو معاشري جو هڪ اهم طبقو آهن ۽ اهڙا ڪيترائي مثال آهن جن ۾ خصوصي ماڻهن پنهنجي معذوري کي پنهنجي مٿان ??اوي ٿيڻ نه ڏنو ۽ معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ڪراچي چيمبر جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ مالي شموليت ۾ اضا??ي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. بيگم ثمينه عارف علوي ڪي سي سي آئي ??ي اهم ميمبرن ??ان گڏوگڏ اهم ڪاروباري شخصيتن، مقامي اين جي اوز جي نمائندن ۽ ٻين مختلف ڌرين ??ان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان ??وران معذور ماڻهن جي ماليت شموليت جي راهه ۾ ايندڙ مختلف رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.