اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي بنا ڪنهن فرق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان انساني حقن جي سنگين پائمالين جي مذمت ڪندي چي?? ته پاڪستان ڪشميرين جي هر سطح تي حمايت جاري رکندو. ترجمان چي?? ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نئين آبادياتي طور تي پنهنجي قبضي کي ??رق??ار رکڻ جي لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيو آهي ۽ هو منظم طريقي س??ن ڪشميرين کي انهن جي زمينن تان بي دخل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته قابض عملدارن گذريل مهيني والاريل علائقي ۾ زمين جي ليز جا نوان قانون متعارف ڪرايا جنهن سان مقامي آبادگارن، هوٽل وارن ۽ واپارين کي انهن جي ڊگهي عرصي کان ليز تي موجود زمينن کان محروم ڪيو ويو، ڀارتي قابض انتظاميا ڪارڪنن ۽ مزاحمتي اڳواڻن جي ملڪيتن کي سيل يا قرق ڪرڻ جي مهم به تيز ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چي?? ته والاريل ڪشمير ۾ ترميم عٿيل لي??ڊ ريونيو ايڪٽ تحت غيرڪشميري واپاري ۽ ٻين غيرزرعي ??قص??ن جي لاءِ زرعي زمين خريد ڪري سگهن ٿا، ڀارتي فوج کي والاريل ڪشمير جي ڪنهن به حصي ۾ زرعي زمين ۽ رهائشي علائقن کي اسٽريٽجڪ قرار ڏيڻ کانپوءِ انهن تي قبضو ڪرڻ جا وسيع اختيار ڏنا ويا آهن. هن چي?? ته اطلاع موجب 430000 ڪينال کان وڌيڪ زمين اڳ ۾ ئي ڀارتي فوج ۽ نيم فوجي دستن جي غيرقانوني قبضي ۾ آهي، اهو قدم ڀارت کي نئين آبادياتي آبادڪار ذهنيت ۽ ڪشمير جي س??زمين تي ڪنٽرول کي وڌائڻ جي ان جي ارادن جو هڪ ٻيو مظهر آهي جيڪو عالمي قانون جي واضح خلاف ورزي آهي. ممتاز زهره بلوچ چي?? ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پاڪستان حڪومت ۽ گڏيل قومن جي گڏيل ميزباني ۾ ٿيندڙ ڊونرزڪانفرنس ۾ پاڪستان کي ملندڙ امداد موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ خرچ ڪئي ويندي. هن چي?? ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جو ٻن ڏينهن جو دورو گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي دعوت تي ڪري رهيو آهي، وزيراعظم دوري دوران گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ وزيراعظم کانسواءِ گڏيل عرب امارات جي نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقاتون ڪيون آهن. هن چي?? ته ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن انهن ملاقاتن دوران پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چي?? ته ڌرين ٻطرفي سيڙپڪاري تعاون کي سگهه ڏيڻ، حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن چي?? ته وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جا موقعا ڳولڻ جي لاءِ پاڪستاني ۽ اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪري رهيو آهي، وزيراعظم گڏيل عرب امارات جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري اڄ ئي وطن واپس پهچندو. ممتاز زهره بلوچ چي?? ته هلندڙ هفتي پاڪستان جنيوا ۾ ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪئي جنهن ۾ عالمي برادري ۽ مالياتي ادارن پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ دل کولي مدد ڪئي آهي. هن چي?? ته امداد موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ خرچ ڪئي ويندي. ترجمان چي?? ته پاڪستان ڪابل ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مذمت ڪندي چي?? ته دهشتگردي ٻنهي ملڪن جي لاءِ خطرو آهي، هن چي?? ته پاڪستان مشڪل وقت ۾ افغانستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. ترجمان چي?? ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير 16 کان 20 جنوري تائين سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 53 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. هن چي?? ته پاڪستان ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاسن ۾ باقاعده شرڪت ڪري رهيا آهن. ترجمان چي?? ته پاڪستان فورم ۾ عالمي اقتصادي اهميت جي مسئلن تي پنهنجو موقف پيش ڪندو. پرڏيهي وزير ۽ مملڪتي وزير سياسي اڳواڻن، ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز، عالمي ادارن جي س??براهن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي اهم شخصيتن سميت شرڪت ڪندڙ اهم شخصيتن سان به ملاقات ڪندا. ترجمان چي?? ته افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي جي س??ت لفظن ۾ مذمت ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي جي لاءِ گڏيل خطرو آهي ۽ ان جي لاءِ گڏيل ردعمل جي ضرورت آهي.