اسلام آباد– 23 ??? ج??وري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي م??مت ۽ اسلامو فوبيا جي خلاف ا??تماعي عزم جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ اسلام جي مقدس ڪتاب جي توهين سان اربين مسلمانن جي جذبن کي م??روح ڪيو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته قرآن جي توهين جو عمل جاهلاڻو، چڙ ڏياريندڙ ۽ اسلامو فوبڪ آهي. اهو غيرقانوني ۽ غير اخلاقي واقعو بنا سبب چڙ ڏياريندڙ ۽ دنيا جي م??لمانن جي جذبن کي م??روح ڪرڻ جو عمل آهي. هن چيو ته اهو مذمت جوڳو عمل عالمي سطح تي تسليم ٿيندڙ اصولن ۽ اظهار جي جائز آزادي جي اصولن جي ابتڙ آهي. صدر چيو ته اظهار راءِ جي آزادي نفرت انگيز تقريرن ۽ ماڻهن کي تشدد تي اتساهڻ جي اجازت نه ٿي ڏي. اسلام دنيا جي سڀني م??هبن جي لاءِ عزت ۽ احترام جي تلقين ڪري ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان ??ڌي فعل سان مسلمانن جي مقدس قدرن جي توهين ڪري ڏک پهچايو آهي. اهو عمل دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي خطرناڪ سطح کي ظاهر ڪري ٿو. صدر چيو ته عالمي برادري اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل عزم جو مظاهرو ڪري. هن رواداري ۽ گڏيل بقاءَ جي قدرن کي م??تحڪم بڻائڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نفرت جي نظريي کي فروغ ڏيندڙ ۽ انتهاپسند ۽ بنياد پرست عنصرن کي نفرت پکيڙڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.