اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنون ۾ آ??ِ اي ڊي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي گلشير جي والد سان ٽيليفون تي افسوس جو ??ظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ٽيليفونڪ رابطي ۾ سپاهي گلشير شهيد جي پونيئرن سان همدردي جو ??ظهار ۽ ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد جي درجن جي بلندي ?? سندس گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران شهيد جي والد صدر کي شهيد گلشير جي شهادت جي ج??بي بابت پڻ ٻڌايو ۽ ملڪ جي لاءِ قربان ٿي وڃڻ جي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي عزم کي ورجايو. صدر شهيد جي خاندان ۽ شهيد جي حب الوطني جي ج??بي کي ساراهيو. صدر پاران شهيد جي خاندان کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو.