اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ تباهي آڻيندڙ جنگي حڪمت عملين کان پاسو ڪرڻ ۽ پرامن حڪمت عملي تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا جي ترجيح هٿيارن ۽ هٿياربند فوج تي کربين ڊالر خرچ ڪرڻ بدران موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ، بک، غربت، وبائي مرضن، بيمارين ۽ ناخواندگي جهڙن عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ گهرجي، دنيا کي بک، غربت ۽ ناخواندگي جهڙا چئلينجز درپيش اهن جنهن تي اٽڪل هڪ ٽريلين ڊالر خرچ ڪري ضابطو آڻي سگهجي ??و جيڪو ترقي يافته دنيا جي ??وجي خرچن کان تمام گهٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ??ال??ج ڪوئيٽا ۾ تربيت هيٺ غيرملڪي فوجي آفيسرن جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي ڇو ته اهو رڳو انسانيت جي ??اءِ تباهي ۽ مصيب??ون آڻي ٿي. هن ڳالهين ۽ مفاهمت جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان عالمي ۽ علائقائي مسئلن جو حل ڳولڻ ۾ مدد مل?? سگهي. هن چيو ته جنگين دنيا جي ??ختلف خطن ۾ تباهي مچائي آهي ۽ خاص طور تي وچ اوڀر ۽ آفريقا ٻين ملڪن پاران مڙهيل جنگين ۽ گڏيل تڪرارن جي ڪري تباهي جو شڪار ٿيا آهن. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته دنيا ۾ پولرائيزيشن ۽ ٻيهر صف بندي ٿي رهي آهي ۽ اسرندڙ ملڪن کي عالمي دشمنين ۾ غيرجانبدار رهڻ گهرجي. علائقائي تعاون بابت ڳالهه ڪندي صدر چيو ته آسيان جهڙيون ٻيون علائقائي تنظيمون اقتصادي ۽ علائقائي تعاون جي ??روغ ۾ تمام موثر ۽ ڪامياب آهن پر افسوس آهي ته ڀارت جي ڏاڍ واري رويي ۽ خطي جي ??ين ننڍن ملڪن تي بالادستي قائم ڪرڻ جي ان جي خواهش جي ڪري سارڪ پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حل علائقائي امن ۽ خوشحالي جي ??اءِ اهم آهي پر بدقسمتي سان ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن تي عملدرآمد نه ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ مل??ث آهي ۽ غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي شهري آبادي جي خلاف ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم ڪري رهيو آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن تي عملدرآمد ۾ مدد ڪري. صدر دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين ۽ قربانين تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي ??عنت کي شڪست ڏني. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ??ال??ج ڪوئيٽا پاڪستان جو سڀ کان قديم ۽ پريميئر فوجي تربيتي ادارو آهي، هن وقت مختلف دوست ملڪن جا فوجي آفيسر هن ??ال??ج ۾ تربيت هيٺ آهن جن ايوان صدر جو دورو ڪيو.