اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزي?? چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو، جتي هو پاڪستان نيوي جي اهتمام هيٺ جاري عالمي گڏيل سامونڊي مشقن جو معائنو ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته گڏيل سامونڊي مشقن ۾ 50 کان وڌي?? ملڪن جي سامونڊي فوجن جا دستا شريڪ ٿي رهيا آهن. هن چي?? ته ٻن سالن کانپوءِ ٿيندڙ انهن مشقن جو بنيادي مقصد سامونڊي ڌاڙيلن، دهشتگردن، منشيات ۽ هٿيار اسمگلرن جي خلاف موثر گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ آهي. مريم اورنگزي?? چيو ته وزيراعظم سامونڊي ڌاڙيلن جي خلاف گڏيل ڪارروائي جو مظاهرو ڏسڻ کانسواءِ ٻين سامونڊي مشقن ۽ پيشيواراڻي مهارتن جو جائزو به وٺندو.