لنڊن – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف امير مقام پاران خيبرپخ??ون??واهه ۾ اٽ?? جي بحران بابت ڌيان ڏيڻ جو فوري نوٽيس وٺندي عملدارن کي ان جي جاچ ۽ فوري طور بحران جي خاتمي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جُون هدايتُون ڪيُون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صلاحڪار ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپخ??ون??واهه جي صدر انجنيئر امير مقام خيبرپخ??ون??واهه ۾ اٽي بحران بابت ??زبڪستان مان وزيراع??م سان رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم کي صوبي ۾ اٽ?? جي بحران بابت ??وام ۾ پيدا ٿيندڙ ڳڻتي کان آگاهه ڪيو، جنهن تي وزيراعظم فوري طور تي ايڪشن وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ فوري طور تي بحران جي خاتمي لاءِ عملدارن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خيبرپخ??ون??واهه سميت ٻيا صوبا انتهائي اهميت رکندڙ آهن، جيترو پنجاب آهي. هن چيو ته خيبرپخ??ون??واهه جي عوام مشڪل اسان جي مشڪل آهي.