اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فائيو – اي فريم ورڪ پاڪستان ۾ معاشي ترقي جو گيم چينجر ثابت ٿيندو، ايڪسپورٽس، اي پاڪستان، واٽر اينڊ فوڊ سيڪيورٽي، انوائرمنٽ، انرجي ۽ ايڪويٽي ٽرن ار??ئونڊ پاڪستان جا ٿنڀ آهن، ان فريم ورڪ جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ نئين ڪاروبارن ۽ روزگار جي حوصلا افزائي ٿيندي، ??عل??م، صحت جي فروغ ۽ آبادي تي ڪنٽرول سان پاڪستان جي ترقي جي راهه هموار ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سستي ۽ بنا رڪاوٽ توانائي جي فراهمي سان معيشت ۽ ڪاروبار ۾ نئين تيزي ايندي، پاڻي ذخيرن ۽ غذائي تحفظ جي ذريعي ماحول بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته اي پاڪستان جي ذريعي نوجوانن کي ترقي جا موقعا ڏينداسين، انهن کي بااختيار بڻايو ويندو. هن چيو ته جي ڊي پي جي لحاظ کان فسڪل خساري جو 4.9 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4.6 سيڪڙو تي اچڻ وڏي ??ام??ابي آهي، اهو حڪومت جي صحيح معاشي پاليسي جو مثبت نتيجو آهي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 76 سيڪڙو گهٽتائي صحيح معاشي پاليسي جي علامت آهي، واپاري خساري ۾ 40.4 سيڪڙو گهٽتائي معاشي قدمن جي درستگي کي ظاهر ڪري ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته واپاري خسارو 43.4 ار?? ڊالر کان گهٽ ٿي 25.8 ار?? ڊالر ٿي ويو آهي جيڪا بهترين طرف شروعات آهي. هن چيو ته درآمدات ۾ 29.2 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جنهن جا معاشي صورتحال تي اثر پيا، 72.3 ار?? ڊالر جي مقابلي ۾ درآمدات جو 51.2 ار?? ڊالر تي اچڻ معاشي بهتري طرف قدم آهي. هن چيو ته گذريل مالي سال جي 5 هزار 48.2 ار?? رپين جي مقابلي ۾ 6210 ار?? رپيا ٽيڪس روينيو گڏ ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ 7 لک ايف بي آر ٽيڪس ڏيندڙن جي هدف جي مقابلي ۾ اٽڪل 9 لک 12 هزار نئين ٽيڪس ڏيندڙن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. اهو ٽيڪس نيٽ ۾ اضافي جو ثبوت آهي. هن چيو ته 1.15 ٽريلين رپين جي وفاقي ترقياتي بجيٽ رکڻ سان ملڪ ۾ معآشي سرگر??يو?? تيز ٿينديون ۽ روزگار وڌندو.