اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) سامونڊي طو??ان بائيپر جواءِ ڪمزور ٿي ڪيٽيگري ٿري ۾ تبديل ٿيڻ بعد انتهائي شديد سامونڊي طو??ان ۾ تبديل ٿي ويو آهي. اهو طو??ان ڪراچي کان اٽڪل 470 ڪلوميٽر ڏکڻ، ٺٽي کان 460 ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ اورماڙه کان 570 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي طر??ان صبح جو جاري ڪيل تفصيلن مطابق سامونڊي طوف??ن جي سطح تي هوا هلڻ جي رفتار اٽڪل 140 کان 150 ملوميٽر في ڪلاڪ جڏهن ته ??ن جي مرڪز جي حصي جي رفتار 170 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين آهي. تازي اڳڪٿي مطابق طوف??ن جي برقرار رهڻ جو امڪان آهي. (اڄ) 14 جون 2023ع جي صبح تائين ??ن جو رخ اتر طرف ۽ پوءِ اوڀر طرف مڙڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه سڀاڻي 15 جون 2023ع جي منجهند تائين هڪ انتهائي شديد طو??ان طور ڪيٽي بندر (ڏکڻ اوڀر سنڌ ڪوسٽل لائين) ۽ ڀارتي گجرات جي سامونڊي پٽي وچ ۾ ٽ??را??جڻ جو امڪان آهي. طو??ان سبب امڪاني طور تي ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، ڪراچي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان علائقا متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.