ڪراچي – 13 جون (اي پي پي) ڪراچي واٽر بورڊ جي س?? اي او انجنيئر سيد صلاح الدين احمد اعليٰ اختيارين کي سامونڊي طوفان ۽ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي هنگامي قدم کڻڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. واٽر بورڊ جي ترجمان موجب سمورن چيف انجنيئرن کي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي س??يت ٻين لاڳاپيل ادارن سان مڪمل رابطي ۾ رهڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن ۽ سمورن ضلعن جي ايس ئي ۽ ايڪسين کي پنھنجي ماتحت عملي سان گڏ پنھنجي دائري ??يٺ علائقن ۾ رهڻ دوران بهتر ڪم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي جڏھن تہ ڪنهن بہ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ واٽر بورڊ جي س??ورن آفيسرن ۽ ملازمن جون موڪلون پڻ منسوخ ڪيون ويون آهن، ان کان علاوه رين ايمرجنسي بابت چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو کي فوڪل پرسن مقرر ??يو ويو آهي جڏھن تہ 1339 شڪايت سينٽر / ڪسٽمر سروس سينٽر، بلاڪ اي نو ميل ڪارساز شاهراھ فيصل کي برسات جي هنگامي آپريشن لاءِ فوڪل پوائنٽ مقرر ??يو ويو آهي، 1339 شڪايت سينٽر / ڪسٽمر سروس سينٽر برساتن دوران 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو ۽ سمورن ضلعن ۽ مختلف ٽاؤنن ۾ رين ايمرجنسي شڪايتي مرڪز پڻ قائم ڪيا ويندا، سي اي او واٽر بورڊ اعلي اختيارين کي وڌيڪ هدايتون ڏيندي چيو تہ جينٽنگ، سڪشن، راڊنگ، سيوريج صفائي جي مشينن، ڊي واٽرنگ پمس سميت سموري ??شينري کي هر وقت تيار رکي وڃي، واٽر بورڊ جي بلڪ ٽرانسميشن سسٽم، ڪئنال، سائفن، ڪنڊيوٽ ۽ ٻين اهم تنصيبات جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ ڌاٻيجي، گهارو، پپري، اين اي ڪي، حب پم??نگ ا??ٽي??ن سميت سمورن فلٽر پلانٽس ۽ سمورن سيوريج پم??نگ ا??ٽي??نن جي سخت نگراني ڪئي وڃي، ان کان علاوه سي پي ايس پم??نگ ا??ٽي??ن سميت ضلعي ڏکڻ ۾ واقع ٻين سمورين پم??نگ ا??ٽي??نن تي سخت نگراني ڪندي 24 ڪلاڪ گشت ڪيو وڃي ۽ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي س??ورين پم??نگ ا??ٽي??نن کي بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ جنريٽر جي مدد سان هلايو وڃي، سي اي او واٽر بورڊ شھرين کي اپيل ڪندي چيو تہ شهري برساتي پاڻي کي س??وريج جي پائيپ لائنن ۾ نيڪال ڪرڻ لاءِ مين هول جا ڍڪ نہ کولين ڇاڪاڻ تہ مين هول جا ڍڪ کولڻ سان گندي پاڻي جو وهڪرو بند ٿي ويندو جنهن سان شهرين کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو.