اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو دور 26 جون 2023ع تي آستا??ا، قزاخستان ۾ ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ٻطرفي سياسي مشاورت ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ?? اولهه ايشيا) سيد احسن رضا شاهه ڪندو. جڏهن ته قزاخستان پاران پرڏيهي معاملن وارو نائب وزير ڪنات تميسٽ جي قيادت ڪندو. ڌريون ڳالهه ٻولهه ۾ سياسي، واپاري، اقتصادي رابطن، سياسي ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس 28 فيبروري 2020ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو هو.