اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمين?? جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران بزرگ عورت کي ملڪيت جو قبضو واپس ڏيارڻ جو حڪم برقرار رکندي انتظاميا کي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ جي هدايت ڪ??ي ڇڏي. اسلام آباد ۾ عورت شهري جي 10 مرلا زمين تي مبينا طور تي قبضي مافيا قبضو ڪري رکيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب شڪايت ڪندڙ منور بي بي هراسمين?? جي خاتمي بابت وفاقي محتسب کي ملڪيت جي تحفظ ايڪٽ تحت شڪايت داخل ??رائي هئي ته ملڪ عبدالمجيد ۽ جواد شوڪت ان جي زمين تي غيرقانوني طور تي قبضو ڪري رکيو ??هي. محتسب عورت جي حق ۾ حڪم جاري ڪندي ڊي سي کي قبضو بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عبدالمجيد وفاقي محتسب کي نظرثاني جي درخواست ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ثابت ٿي چڪو ته عورت ملڪيت جي مالڪ آهي جنهن کي 1979ع ۾ رجسٽرڊ سيل ديڊ جي ذريعي ملڪيت منتقل ڪئي وئي. فيصلي ۾ بهاره ڪهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي عورت جو قبضو بحال ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي وئي. ان ڏس ۾ موقعي تي موجود تڪ جي پٽواري کان مدد وٺندي پلا?? جي بحالي جي لاءِ سمورا قانوني ذريعا استعمال ڪيا وڃن. بعد ۾ عبدالمجيد محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ??ئي. صدر عبدالمجيد ۽ ٻين جي اپيل ??ير سان داخل ٿيڻ جي بنياد تي رد ڪ??ي ڇڏي ۽ چيو ??ه اپيل حڪم ملڻ جي 30 ڏينهن جي اندر داخل ??رڻ گهرجي ها. صدر چيو ??ه درخواستگذارن حڪم وصول ڪرڻ جي تاريخ بابت ڪجهه به ناهي چيو، اپيل نه رڳو ??ير سان داخل ??ئي وئي پر ميرٽ تي به نه آهي. هن هدايت ڪئي ته انتظاميا هراسمين?? جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائي.