اسلام آباد -17 سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي 5 ڏينهن جي دوري تي آمريڪا لاءِ روانو ٿي ويو آهي. هو نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78هين اجلاس کي خطاب ڪن??و. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان مطابق نگران وزيراعظم نيويارڪ ۾ جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت سان گڏوگڏ عالمي اڳواڻن سان ملاقات??ن پڻ ڪن??و. ??گران وزيراعظم آمريڪا ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کان علاوه موسمياتي تبديلي تي منعقد ٿيندڙ اهم ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. انوار الحق ڪاڪڙ ان دوري ۾ عالمي سڌ سماءَ وارن ذريعن جي نمائنسن سان به ملاقاتون ڪندو ۽ آمريڪا جي مشهور ٿنڪ ??ينڪس جو به دورو ڪندو.