اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عبوري حڪومت جي اهم قدمن جو خاڪو پيش ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت بهتر اسلوب حڪمراني ۽ سڌاراجاتي موقف رکندڙ ميراث ڇڏي ويندي، نگران حڪومت معيشت، نجڪاري ۽ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ ڏکئي چئلينج?? کي منهن ڏئي رهي آهي. جنگ گروپ آف پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ”بريڪ فاسٽ ود دي پرائم منسٽر“ جي عنوان سان هڪ ويهڪ ۾ نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت معيشت، نجڪاري ۽ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ مشڪل چئلينج?? کي منهن ڏئي رهي آهي. نگر??ن وزيراعظم هڪ بهتر پاڪستان جي امڪانن بابت پنهنجي ويزن تي روشني وجهندي چيو ته هنرمند انساني سرمايو ڪيترائي چئلينجز رکندڙ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستا?? کي اقتصادي تعاون تنظيم جو هڪ اهم علائقائي ميمبر هجڻ جي ناطي پنهنجي ڀرپور قدرتي وسيلن کانسواءِ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي سنگم تي اسٽريٽجڪ مقام تي واقع هجڻ تي فخر آهي. هن چيو ته 24 ڪروڙ جي آبادي 25 سال کان گهٽ عمر جي نوجوانن جي وڏي انگ سان گڏ انساني سرمائي جي قدر ۾ اضافو ڪري ٿي جڏهن ته هن نشاندهي ڪئي ته ٽارگيٽيٽ ٽريننگ پروگرامن جي ذريعي نوجوان?? کي هنرمند بڻائڻ انتهائي ضروري آهي جڏهن ته انهن جي توانائي?? کي مناسب طور تي استعمال ۾ نه آڻڻ هاڃيڪار نتيجن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. نگر??ن وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت جي ترجيحن مان هڪ ترجيح اهڙي پروگرام تي ڌيان ڏيڻ آهي جنهن ۾ هڪ ڏهاڪي ۾ 10 لک نرس?? کي تربيت ڏني ويندي. هن چيو ته حڪومت مختلف شعبن ۾ مهارتن جي ترقي جي لا??ِ سيمز، جرمني سميت عالمي تنظيمن سان حصيداري جا موقعا ڳولي رهي آهي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته حڪومت خساري ۾ هلندڙ رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، ان فهرست ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري اولين ترجيح آهي، جنوري جي وچ تائين ڪجهه ٺوس نتيجا حاصل ٿيڻ جي اميد آهي. هن ملڪ ڇڏي ويندڙ باصلاحيت ماڻه?? کي ڪنهن ناڪامي جي علامت سمجهيو ويندڙ تاثر کي رد ڪندي چيو ته پاڪست??ن وڏيُون تخليقي صلاحيتون رکندڙ تهذيب آهي، اهڙي طرح جا باصلاحيت ماڻهو مستقبل ۾ ملڪ جو اثاثو بڻجي سگهن ٿا اهو ان معاملي کي سمجهڻ جو هڪ سنجيده ۽ مثبت طريقو آهي. پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ڪاروبار ۾ آساني جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ملڪ کي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ اربين ڊالر جي پرڏيهي سيڙپڪاري بابت هفتن ۾ سٺي خبر جي اميد آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ايس آءِ ايف سي سول ۽ ملٽري نمائندن تي ٻڌل هڪ پليٽ فارم حڪومتن جي تبديلي جي باوجود منصوبن جي تسلسل کي يقيني بڻائيندو. هن پنهنجي صلاحيت کي وڌائڻ جي لا??ِ ڪاروباري برادري جي ميمبر?? کي شامل ڪرڻ جي خيال جي پڻ توثيق ڪئي. هن چيو ته ايگزم (ايڪسپورٽ امپورٽ) بئنڪ پاڪستا?? کي مالياتي خدمتون فراهم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن سان مقامي واپارين ۽ سيڙپڪار?? کي ٻاهرئين ملڪ ما??ي ڏيتي ليتي ڪرڻ ۾ مدد ملندي. رابطي کي هڪ اهم شعبي طور اجاگر ڪندي هن چيو ته ٽرانس افغان ريلوي ازبڪستا?? کي پاڪستان سان ڳنڍيندي. هن چيو ته ڪوئيٽا تفتان ريل نيٽ ورڪ جي بهتري تي پڻ ڪم جاري آهي. هن چيو ته آذربائيجان سان تازو ئي شروع ڪيل سڌوسنئون اڏامن سان سفر جي وقت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ واپار کي هٿي ملندي. نگر??ن وزيراعظم ٽيڪس ۾ سڌارن جي حمايت ڪندي چيو ته نگران حڪومت خرچن ۾ گهٽتائي تي يقين رکي ٿي ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي سڌارن تي پڻ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ٽيڪس جي ذريعي دولت جي تخليق حڪومت جي لا??ِ اسڪولن، اسپتالن ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي جي قيام جي لا??ِ آمدني جو استعمال ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ميڊيا آزادي سان ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته خاص طور تي سوشل ميڊيا ڪنهن به قسم جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي جڏهن ته هن ڊيجيٽل ميڊيا جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ ڌرين سان غور فڪر کانپوءِ ضابطا جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته موجوده سياسي منظرنامو بحران نه پر پاڪستان جي اسرندڙ جمهوريت جي عمل جو تسلسل آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته جمهوري عمل جي تسلسل سان عوام آهستي آهستي سياسي پارٽي?? کي ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي فراهمي سان ڳنڍڻ شروع ڪري ڇڏيندي. نگر??ن وزيراعظم ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان جهڙن ڏورانهن علائقن ۾ ماڻه?? کي درپيش شهري مسئل?? کي حل ڪرڻ جي لا??ِ بلدياتي نظام جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته شهري ترقي تي مرڪوز طرز حڪمراني کي رد ڪرڻ ۽ ملڪ جي ڏورانهن علائق?? کي ترقي يافته شهرن جي برابر آڻڻ جي لا??ِ وڌيڪ ٺوس انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.