اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حفاظت جي لا??ِ جان قربان ڪندڙ پ??ڪ فوج جا جوان قو?? جا هيرو آهن، شهيدن پنهنجي رت سان بهادري ۽ جرئت جي بي مثال تاريخ لکي آهي، پوري قوم پ??ڪ فوج جي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر، نائيڪ خوش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ لانس نائيڪ عبدالقادر جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پ??ڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هر پهرين دستي جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻي سک ??و ساهه کڻنداسين، دشمن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پوري قوم پ??ڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.