اسلام آباد – 11 ??? ج??وري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪري??ري شاهيره شاهد 2024ع جي چونڊن جي حوالي ??ان آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ چونڊن طرف وڌي رهيو آهي، ماڻهن کي ملڪ جي حالتن بابت معلومات فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اها ڳالهه هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ مقامي هوٽل ۾ ”اليڪشن 2024ع: سياسي پارٽين جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا“ جي موضوع تي ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪري??ري چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته اها اهڙا پليٽ فارم مهيا ڪري جتي ملڪ جي مستقبل جي حوالي ??ان بحث ٿي سگهن. هن چيو ته چونڊن جي حوالي ??ان سڀني کي آگاهي فراهم ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ چونڊن ۾ حڪومت کي ڪهڙيون مشڪلاتون ۽ چئلينجز درپيش هوندا ۽ اهي ڪهڙي طرح انهن مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏئي سگهندي. هن چيو ته اسان وٽ نيشنل براڊ ڪاسٽرز ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو پورو اسپيڪٽرم موجود آهي جتي ملڪي مسئلن ۽ چئلينجن تي تفصيلي ??حث ٿي سگهي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪري??ري چيو ته ميڊيا معلومات جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اڄ جي سيمينار جو مقصد به اهو ئي هو ته چونڊن جي حوالي ??ان سيمينار جي ذريعي ملڪي مسئلن کي اجاگر ڪيو وڃي. هن چيو ته سيمينار منعقد ڪرڻ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي بهترين ڪوشش آهي.