اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي مدد سان تعليم ۽ خ??اندگي کي ڏورانهن ۽ ڏکئي علائقن تائين پهچائي سگهجي ٿو، تعليمي شع??ي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان خرچ گهٽ ٿيندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي تعليمي معيار برقرار رکڻ سان گڏ شاگردن جي انگ ۾ اضافوڪري سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير ايجوڪيشن ف??ئو??ڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪول نه ٿا وڃن، اسڪول نه ٿي وڃي سگهندڙ ٻارن جي تعليم جي لاءِ هزارين نوان اسڪول گهربل هوندا، ٻارن جي تعليم، خواندگي وڌائڻ جي لاءِ مسجدن کي تعليمي مرڪزن طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته خواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تعليمي شع??ي ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌائڻو پو??دو. وفد صدر کي آزاد ڄمون ۽ڪ شمير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ معياري تعليم ۽ خ??اندگي جي فروغ ۾ ف??ئو??ڊيشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو چيئرمين سيد طفيل حسين بخاري ۽ ف??ئو??ڊيشن جو چيئرمين مظفر محمد قريشي پڻ شريڪ هئا. وفد ٻڌايو ته ف??ئو??ڊيشن پنجاب ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٽي اسڪول ۽ استادن جو تربيتي ڪاليج هلائي رهي آهي، ف??ئو??ڊيشن جو مقصد تعليم جو فروپغ، نوجوان شهرين جي ڪردار سازي آهي. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ تعليم جي فروغ ۾ ف??ئو??ڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.