راولپنڊي- 06 فيبروري (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جن??ل ساحر شمشاد پنهنجي سعودي عرب جي دؤري دوران سعودي دفاع واري وزي?? شهزاده خالد بن سليمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ سلامتي معاملن ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطا??ق چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جن??ل ساحر شمشاد هن وقت ٻين عالمي دفاعي نمائش لاءِ سعودي عرب جي دؤري تي آهي. هن نمائش ۾ لڳايل مختلف پاڪستاني اسٽالز جو دؤرو ڪيو ۽ الفتح ٽو ميزائل اسٽال جو افتتاح به ڪيو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جن??ل ساحر شمشاد سعودي عرب جي چيف آف جن??ل اسٽاف، جن??ل فياض بن حميد الرويلي ۽ چيف آف رائل سعودي لينڊ فروسز ليفٽيننٽ جن??ل فهد بن عبدالعزيز المطر سان به ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.