اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت سازي جي لاءِ سادي اڪثريت گهربل هوندي آهي، اليڪشن ڪميشن چونڊون منعقد ٿيڻ جي 14 ڏينهن جي اندر تصديق ٿيل نتيجا جاري ڪرڻ جي پابند آهي، آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن تائين اجلاس گهرائي سگهي ٿو، 22 ۽ 29 فيبروري جي وچ ۾ ڪنهن به تاريخ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهجي ٿو. اها ڳالهه هن پي ٽي وي جي پروگرام ”رياست“ ۾ ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊون منعقد ٿيڻ جي 14 ڏينهن جي اندر تصديق ٿيل نتيجا جاري ڪرڻ جي پابند آهي، فارم 49 ۾ کٽيل اميدوارن کي چونڊ خرچن جا تصديق ٿيل دستاويز اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائڻا هوندا آهن، جيڪڏهن اهي تفصيل جمع نه ٿا ٿين ته کٽ??ند?? قومي اسيمبلي جو باضابطا ميمبر نه ٿو رهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي جيئن ئي سرڪاري نتيجا ملندا، پارلياماني معاملن واري وزارت جو ڪم شروع ٿي ويندو. نگ??ان وفاقي وزير چيو ته آرٽيڪل 91 تحت صدي چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير چيو ته حڪومت سازي جي لاءِ سادي اڪثريت گهربل هوندي آهي، 18 هين ترميم تحت صدر جو عهدو وفاق جي علامت آهي. هن چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جي فوري پوءِ قائد ايوان جي چونڊ ٿيندي، قائد ايوان يا وزيراعظم جي چونڊ جي لاءِ کلي راءِ شماري ٿيندي آهي، ڳجهي راءِ شماري ناهي ٿيندي، ڳجهي راءِ شماري اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جي لاءِ هوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگ??ان وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان ڏاهو سياستدان آهي، هن پارليامينٽ ۾ ويهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته اڪثر پارٽين جو اتفاق آهي ته شهباز ش??يف ٻيو ڀيرو وزارت عظميٰ جو حلف کڻندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ملڪ کي اهم ۽ وڏا چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته ڪابينا جي انگ بابت فيصلو ا??ند?? چونڊيل حڪومت ئي ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ هو ته نگ??ان ڪابينا جڏهن حلف کنيو ان وقت اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر ساڍي ٽي سئو کان چار سئو رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو هو، اسان حوالا هنڊي، ڊالر جي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدم کنيا، اسان جي انتظامي قدمن سان رپئي جي قدر ڊالر جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿي. هن چيو ته معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان ڳنڍيل آهي، اميد آهي ا??ند?? حڪومت سڌارن جو عمل جاري رکندي. هن چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ گورننس کي بهتر ڪرڻو پوندو. نگ??ان وفاقي وزير چيو ته نگ??ان حڪومت جو اختيار محدود هوندو آهي، اميد آهي نئين چونڊيل قيادت ملڪ جا وڏا مسئلا حل ڪندي، معاشي سڌارن ۽ معاشي بحالي جو عمل جاري رکيو ويندو.