اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي)اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شر??ف چيو آه?? ته ڊگهي جلاوطني کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ واپسي تي جذباتي ڪيفيت آه??، پنهنجي گهر واپسي ۽ پارليامينٽ ۾ حلف کڻڻ تي اڄ تمام گهڻي خوشي ٿي آه??. هن قومي اسيمبلي ۾ چونڊيل ميمبرن طور حلف کڻڻ کانپوءِ گيٽ نمبر 5 تان واپسي جي موقعي تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو. هو پنهنجي ڌيءَ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف سان گڏ روانو ٿي رهيو هو. نواز شر??ف چيو ته ملڪ کي سنگين چئلينجز درپيش آه??، هن وقت ??ڀني کي گڏجي ملڪ ۽ قوم کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هڪ سوال جي جواب ۾ تي نواز شريف ج??باتي انداز ۾ چيو ته هڪ ڊگهي عرصي جي جلاوطني کانپوءِ اسيمبلي جي ميمبر جو حلف کڻڻ منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آه??، هن چيو ته هي موقعو منهنجي لاءِ خوشي ۽ جذباتي ڪيفيت جو آه??. آئون ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ پرعزم آه??ان، پاڪستان کي معاشي طور تي مستحڪم بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻنداسين.