اسلا آباد-01 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جو اميد??ار سردار اياز صادق 199 وٽ کڻي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو. عهدو ڇڏيندڙ اسپيڪر راجا پرويز اشرف کائنس ميمبرشپ جو حلف ورتو. قومي اسيمبلي ۾ نئين اسپيڪر جي چونڊن لاءِ ??ولنگ ٿي، پولنگ جو عمل 11 وڳي کان جمعي جي نماز بعد تائين جاري رهيو جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري ٻئي عملي سان پولنگ ايجنٽن جي موجودگي ۾ ووٽن جي ڳڻپ ڪئي، ڪل 291 ميمبرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو، هڪ ووٽ رد ٿيو. سردار اياز صادق 199 ووٽ جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي اميد??ار عامر ڊوگر 91 ووٽ حاصل ڪيا. ڳڻپ کانپوءِ اتحادي پارٽين جي ميمبرن سردار اياز صادق کي مبارڪون ڏنيون. ان کانپوءِ ??ئين چونڊيل اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي ح??يف سني اتحاد ڪائونسل جي اميد??ار ملڪ عامر ڊوگر جي سيٽ تي ويو ۽ جمهوري عمل جو حصو بڻجڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيو. اياز صادق قومي اسيمبلي جو 22 هون اسپيڪر چونڊجي ويو. هو ان کان اڳ 2013 کان 2018 تائين به قومي اسيمبلي جي اسپيڪر رهيو.