اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايراني سفارتخاني جو دورو ڪيو. هن پاڪستان ۾ ايراني سفير سان ايراني صدر ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراع??م شهباز شريف ??يو ته مون کي پنهنجي ڀاءُ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت جي افسوسناڪ خبر سان وڏو صدمو ۽ ڏک ٿيو آهي، اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن ??يو ته اسان جون سموريون همدرديون ۽ دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام سان گڏ آهن. هن ??يو ته صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي هڪ شاندار عالم ۽ بصيرت رکندڙ اڳواڻ هو، پاڪستان اڄ ڊاڪٽر رئيسي جهڙي مخلص ۽ اعليٰ خصوصيتن جي مالڪ ڀائرن جهڙو دوست وڃائي ڇڏيو، ان جي پنهنجي قوم سان گڏوگڏ پ??ڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون جي مضبوطي جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن ??يو ته گذريل مهيني صدر رئيسي جي پاڪستان جي دوري اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم وزيراع??م شهباز شريف ۽ پاڪستاني قوم جو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ايران سان گڏ بيهڻ تي ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايراني سفير ??يو ته مرحوم صدر ڊاڪٽر رئيسي به وزيراع??م شهباز شريف کي بهترين انسان ۽ ايران جو دوست سمجهندو هو، مرحوم صدر رئيسي جي لاءِ وزيراع??م شهباز شريف جي جذبن ۽ ان جي لفظن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، مرحوم صدر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان ايران لاڳاپن جي مضبوطي ۽ فروغ جي ويزن کي جاري رکيو ويندو. وزيراع??م شهباز شريف ايراني صدر جي اعزاز ۾ سفارتخاني جي وزيٽر بڪ ۾ تعزيتي تاثرات پڻ لکيا.