اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪي تعليمي پروگرام مضبوط بڻائڻ ۽ شاگردن کي جديد مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي هاءِ ويز ٺاهڻ جي لاءِ شاگردن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي بنيادي ڍانچي تائين پهچ وڌائڻي پوندي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري ??يان موجب صدر آصف علي زرداري ??هڙن خيالن جو اظهار قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي هاءِ ويز ٺاهڻ جي ضرورت آهي، شاگردن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪرڻ سان ??نهن جي تعليم تائين پهچ وڌندي، ڊيجيٽل ورڇ ختم ٿيندي. صدر چيو ته نوجوانن کي ٽيڪنالاجي ۾ مهارتن سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن اهي قومي ۽ عالمي منڊين ۾ مقابلو ڪري ??گهن. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي وڏن انساني وسيلن سان نوازيو آهي. صدر چيو ته انساني وسيلن کي جديد ترين تعليم ۽ هنر فراهم ڪري هڪ طاقت بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ??عليم يافته ۽ هنرمند انساني وسيلا برآمد ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. صدر چيو ته يونيورسٽيون هنرمند پيشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، پاڪستان کي ڊاڪٽرز، انجنيئرز، نرسن ۽ استادن جهڙا وڌيڪ پيشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. آصف علي زرداري چيو ته يونيورسٽيون شاگردن جي ڪردارسازي ۽ تعليمي معيار وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏين. صدر چيو ته شاگردن جي حوصلا افزائي جي لاءِ قائداعظم يونيورس??ي جي پوزيشن هولڊرز کي روڪ صدارتي ايوارڊز ڏنا وڃن. قائداعظم يونيورس??ي جي وائيس چانسلر صدر کي يونيورس??ي جي تعليمي پروگرامن ۽ ٻين انتظامي معامن بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته قائداعظم يونيورسٽي پاڪستان ??ي ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين مان هڪ آهي، عالمي ??رجابندي ۾ 315 هين نمبر تي آهي. وائيس چانسلر چيو ته قائداعظم يونيورسٽي معاشري ??ي لاءِ ڪارائتي تحقيق تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڊيجيٽلائيزيشن قائداعظم يونيورس??ي جي اولين ترجيح آهي. صدر پاڪستان ??ي تعليمي ??عبي ۾ يونيورس??ي جي ڪردار کي ساراهيو. صدر وائيس چانسلر کي يونيورس??ي جي مالي مسئلن کي مناسب فورم جي ذريعي حل ڪرائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.